ڀٽائيءَ جي کوهي

ڀٽائيءَ جي کوهي: سچل سرمست جي درگاهه سان لڳ مسجد شريف جي پويان هڪ قديم کوهي ( ننڍو کوهه ) موجود آهي . جنهن بابت روايت آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کهڙا شهر کان ٿيندو جڏهن درازن ۾ پهتو ته هتي قيام دوران ميان صاحبڏني ۽ ڀٽائي سائينءَ اها کوهي کوٽائڻ جو حڪم ڏنو . جڏهن چڪ رکڻ جي منزل آئي ته ٻنهي ڀلارن بزرگن سڀني طالبن کي وڌيڪ کوٽائيءَ کان منع ڪري ڇڏي ۽ کوهي مان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو . پاڻ آخري کاٽي ڪرڻ لاءِ اندر موجود هئا ته ان موقعي تي ڀٽائيءَ جو عاشق صادق ” ميان چنيهه فقير اڄڻ “ درازين پهتو ۽ بزرگن بابت پڇا ڪيائين . کيس ڪنهن شخص چيو ته ٻئي بزرگ هن کوهه ۾ اندر آهن ۽ اتي اندر باهه لڳل آهي . ميان چنيهه فقير تي انهن لفظن جو عجيب اثر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته باهه لڳل هجي ، مرشد به اندر هجي ۽ مريد ٻاهر بيهي رهي ته مٿس حيف آهي ۽ ائين چئي کوهه ۾ ٽپو ڏنائين . ڀٽائي بادشاهه کيس چيو ته اڳ تون چُنيهه هُئين هاڻي ” چ “ ڪڍي توکي نسورو ، ’نينهن ‘ ٿا ڪريون ۽ کيس سائين صاحب ڏني جي حلقهء ارادت ۾ اچڻ جو حڪم ڏنائين . مرحوم قاضي علي اڪبر درازيءَ جي لکت موجب کوهي کوٽائڻ وقت ڀٽائي سائين فرمايو هو ، ” اچو ته درازا ۽ ڀٽ شاهه جا جر پاڻ ۾ ملايون . “


هن صفحي کي شيئر ڪريو